سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو

سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو: هيءُ سنت ٻارمتي پنٿ جو باني ۽ مهيشوري ميگهواڙن جو روحاني بزرگ آهي. ٻارهين صديءَ ڌاري نئين پنٿ جي فڪري پيش رو جي پرچار سبب کيس روحاني شجري ’متنگ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ٻارمتي پنٿ جي گنان موجب ماتنگ ڏيو جو جنم وڪرمي سنبت مطابق ماگهه مهيني جي اونداهي ٽينءَ تٿ (تاريخ) تي ٿيو. سندس جنم جي مکيه سال بابت ڪا اهم ثابتي نٿي ملي، تنهن هوندي به ڊاڪٽر موهن ديوراج ٿونٺيا، پنهنجي تحقيقي ڪتاب ‘The Shrines of the Maheshvari Meghwar Saints in Sindh’ جي صفحي 35 تي ڌڻي ماتنگ ڏيو جي جنم جو سال 1187 وڪرمي سنبت مطابق 1053ع/ 1130ع (گهٽ- وڌ) ڄاڻايو آهي. ان حوالي سان ٻارمتي پنٿ جي ڌرمي ڪتاب ۾ ’ماتنگ ڏيو جو جنم‘ نالي سان هڪ گنان چيل آهي، جيڪو هن ريت آهي:
ماگهه ماس، تٿ تريج وار ٺاورو، ڪرشن پک، امرت چوگهڙيو،
گوتم رک جو ڏوئترو، گهر ماترا رک جي وئائيو.
مٿيئن گنان موجب ماتنگ ڏيو، مشهور هندو دانشور گوتم رشي جي پونيرن مان هو. سندس پيءُ جو نالو ماتر رک ۽ ماءُ جو نالو جئسدي ديوي هو. سندس ننڍپڻ عام ٻارن وانگر پنهنجي والدين سان گڏ گذريو، پر جيئن ئي بلوغت کي پهتو ته تعليم جي ظهور ۽ استغراق جي ڪري سندس زندگيءَ جو رخ بدلجي ويو.
هن 12 صدي عيسوي ۾ گجرات جي شهر پاليتاڻه کان ٻاهر ڪارونڀي ڏونگر تي ٻارمتي رسم جي شروعات سان ٻارمتي پنٿ جو بنياد وڌو ۽ سنڌ، ڪڇ، گجرات، راجسٿان ۽ اُجين ۾ رهندڙ هندو ڌرم جي گهٽ ذاتاڇوت‘ قبيلن ۾ پنهنجي فڪري پرچار جو آغاز ڪيو. هن اڇوت قوم کي سماج ۾ برتر حيثيت ڏيارڻ لاءِ اڇوت ذاتين کي گروهي شڪل ۾ گڏ ڪيو، جيڪي بعد ۾ مهيشوري ميگهواڙ جي نالي سان مشهور ٿيا ۽ اڄ سوڌو سنڌ، گجرات ۽ ڪڇ ۾ رهندڙ مهيشوري ميگهواڙن جا قبيلا هن سنت جا معتقد آهن.
هن سنت جي زندگي جو احوال متنگ پراڻ، مامئي پراڻ، متنگ سمرتي ۽ مئسر پراڻ مان ملي ٿو. هڪ روايت مطابق سنت ماتنگ ڏيو جا سنڌ ۽ ڪڇ جي حاڪمن سان سٺا لاڳاپا قائم هئا، جن مان سما حاڪم ڄام لاکي گرارو جو ذڪر پارمتي پنٿ ۾ ڌڻي ماتنگ ڏيو جي معتقد طور ملي ٿو. هن سنت 1250ع ڌاري سيڻي ٿر ۾ وفات ڪئي. سندس سماڌي (مقبرو) بدين واري رستي ڏانهن علي بندر کان پندرنهن ميل پري ماٽي ۽ بڪڻ نالي ٻن ڳوٺن جي پاسي ۾ سيڻي جي مقام تي آهي، جتي مهيشوري ميگهواڙن جو وڏو تعداد ماتنگ ڏيو جي جنم ڏڻ ۽ مرن ڏڻ جي موقعي تي هر سال ياترا (زيارت) جي لاءِ گڏ ٿئي ٿو. سنت ماتنگ ڏيو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽ سنت لوڙنگ ڏيو ٻارمتي پنٿ جو اڳواڻ ٿيو.


لفظ سنت ڌڻي ماتنگ ڏيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو